اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) ڪورونا جي وبا کانپوءِ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع ٿي ويون آهن، سردي جي رُت اچڻ سان ثقافتي سرگرميون وف??قي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لوڪ م??لا سان شروع ٿي ويون آهن، اسلام آباد ۾ لوڪ م??لو 6 کان 15 نومبر تائين جاري ر??ند??، لوڪ م??لي جي روزاني سرگرمين ۾ هر صوبو پنهنجي ثقافت جي عڪاسي ڪندو آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ پاران روز پتلي تماشو به منعقد ڪيو ويندو، لوڪ م??لي دوران بغير ماسڪ داخلا منع آهي، سالياني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعليم تربيت واري وف??قي وزير شفقت محمود ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وف??قي وزير شفقت محمود چي?? ته ڪورونا جي ڪري هن سال وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، هن چي?? ته ڪورونا جي حالتن ۾ ايس او پيز سان ميلي جو انعقاد تعريف جي قابل آهي، لوڪ ورثه ثقافت جي رنگن کي پنهنجي اندر سمائي رکي ٿو، هن جديد دور ۾ ڪيترائي ساز ۽ روايتون اڻ لڀ ٿي رهيون آهن، وف??قي وزير شفقت محمود چي?? ته اسان کي انهن روايتن کي سنڀالي رکڻو آهي، ۽ اهو واعدو ڪرڻو آهي ته ڪنهن به ورثي کي ختم ناهي ٿيڻ ڏيڻو.