اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? بئنڪن طرفان تعميرات جي شعبي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تعميرات جو شعبو معيشت جي فروغ جو ضامن آهي، ??عميرات جي شعبي جي فروغ سا?? بئنڪن جي لاءِ منافع بخش ڪاروبار جا بي شمار موقعا ميسر ايندا، گهرن جي تعمير جي حوالي سان درخواستون کي آسان ۽ ممڪن بڻايو وڃي، گهٽ ۽ وچولي آمدني وارا ماڻهو ان سهولت مان وڌ کان وڌ لاڀ پرائي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نيشنل ڪوآرڊينيشن هائوسنگ ڪميٽي، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.