اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان مالديپ جي ??در ابراهيم محمد صالح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪوويڊ 19 جي ??ورتحال جي ڪري درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيراعظم عمران خان مالديو پاران ڪوورنا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ معيشت سميت سياحت جي ??عبي جي ??حالي جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان مالديپ جي ??در کي پاڪستان ۾ تازي صورتحال بابت بريف ڪيو ۽ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي ??والي سان پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت انساني جانين جي ??حفظ، ڪاروبار ۽ آمدني جي ??ريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ معيشت جي ??حالي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي ??ڪمت عملي ڪامياب رهي آهي ۽ معيشت جا وڏا شعبا ترتيبوار کوليا پيا وڃن. وزيراعظم عمران خان گلوبل انيشيٽيو آن ڊيٽ رليف جي ??والي سان مالديپ جي ??در کي آگاهه ڪيو جيڪو اسرندڙ ملڪن ۾ ڪورونا وبا جي ??خت سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرندڙ ملڪن جي مالياتي وسيلن ۽ صحت جي ??عبي ۾ بنيادي ڍانچي جي ??هولت ۾ گهٽتائي جي ڪري ڪورونا وبا کان خاص طور تي وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ان لاءِ اسرندڙ ملڪن ۾ خاص قدمن جي ??رورت آهي.