اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ غيرانساني سياسي ۽ عسڪري ڪرفيو گذريل 8 مهينن کان بنا ڪنهن طبي، مالي، مواصلاتي ۽ غذائي امد??د جي جاري آهي، هاڻي عالمي دنيا ڪشم??ري عوام جي تڪليفن جو اندازو لڳائي سگهي ٿي، جن کي بدترين ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته حقيقت اها آهي ته نسل پرست نظريي هندوتوا جي پوئلڳ مودي سرڪار ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته ان ناڪابندي دوران ڪشم??ري ضرورت جي بنيادي شين کان به محروم ??هن.