اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظف?? مرزا چيو آهي ته ڪورونا وائرس هن وقت تائين 147 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي، انهن ملڪن ۾ هڪ لک 72 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ان مرض ??بب 97 کان 98 سيڪڙو ماڻهو مڪمل صحتياب ٿي ويندا آهن، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جي بار?? ۾ ??وزاني جي بنياد تي عوام کي آگاهه ڪيو ويندو، گذريل ڏينهن ڪوڊ 19 ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر ظف?? مرزا چيو ته سينٽر بڻائڻ جو مقصد مستند ۽ تازا ترين معلومات ميڊيا تائين باقاعدگيءَ سان پهچائڻ آهي، ان حوالي سان روزاني جي بنياد تي معلومات ڏني ويندي. هن ٻُڌايو ته وائرس ??بب هن وقت تائين 147 ملڪ متاثر ٿيا آهن، انهن ملڪن ۾ 78 هزار ماڻهو اهڙا آهن جيڪي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن.