اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قابض ڀارتي حڪومت انساني ۽ عا??مي قانونن جي ابتڙ والاريل وادي ۾ ڪشميري جوانن، ٻارن ۽ عورتن جو بي رحماڻو قتل عا?? بند ڪري، اسان خودمختياري واري حق لاءِ ميدان عمل ۾ ڄميل ڪشميرين کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ پوري ثابت قدمي سان انهن سان گڏ بيٺل آهيون، اسان کي عا??مي ضمير، عا??مي قانونن جي پاسدارن ۽ سلامتي ڪائونسل کي اپيل ڪرڻ گهرجي ته اهي والاريل ڪشمير تي ڀارتي حڪومت جي ناجائز قبضي ج?? خلاف قدم کڻن. هن اهڙن خيالن جو اظ??ار هُن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ ڪيو.