اسلام آب??د-20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن ??اب?? مشير ڊاڪٽر ??اب?? اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان چونڊ سڌارن جي عمل تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ ت??ار آهيون، اپوزيشن جي مطالبي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي قائم ڪري آخري ڀيرو اپوزيشن سان ڳالهيون ٿينديون، هر صورت ۾ چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي ختم ڪرڻ گهرجي جنهن لاءِ قانون سازيءَ تحت ايندڙ عام چونڊن کي صاف شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي وزير، اعظم خان سواتي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پوري قوم ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ اي ووٽنگ جي حوالي سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. اپوزيشن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت 2023ع جي الي??شن کي چوري ڪرڻ لاءِ اي وي ايم مشين آڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سڀ کان پهريان پ پ جي دؤر ۾ 2009ع ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي، 2014ع کان 2016ع تائين موجوده صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ سڄي اپوزيشن ان حوالي سان الي??شن ڪميشن وئي پر اڄ اهائي اپوزيشن پرجوش انداز ۾ اهو چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ ايندڙ الي??شن چوري ڪرڻ چاهي ٿي، ايندڙ عام چونڊون عمران خان يا تحريڪ انصاف نه ڪرائيندي ان لاءِ مرڪز ۽ صوبن ۾ 120 ڏينهن لاءِ آئين تحت عبوري حڪومت قائم ٿيندي، جيڪا عام چونڊون ڪرائيندي. هن ميڊيا جي نمائندن کي الي??شن ايڪٽ 2017ع جو هڪ دستاويز ڏيکاريندي چيو ته 2017ع ۾ نواز شريف جي حڪومت هئي ۽ چونڊ سڌارن ۾ الي??شن ايڪٽ 2017ع جي سڌارن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو ذڪر آيو. هن چيو ته هو اي وي ايم کان ڇو ڊڄي رهيا آهن، اهو ووٽر کي ٻُڌائڻو پوندو ۽ اي ووٽنگ سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڇو ووٽ جي حق کان محروم رکيو وڃي. هن چيو ته اپوزيشن جون زباني ڳالهيون ۽ دعويٰ سرڪاري رڪارڊ کان انڪار نٿيون ڪري سگهن. 2017ع کان 2021ع تائين 4 سال گذري ويا آهن اسان کي ٻُڌايو وڃي ته اسان ان معاملي تي اڳيان ڇو وڌي نه سگهيا آهيون. هن چيو ته اي وي ايم مشين ڌانڌليءَ کي روڪيندي. هن فلپائن جو مثال ڏيندي چيو ته اتي الي??شن جي موقعي تي قتل ٿيندا هئا پر ٽيون ڀيرو عام چونڊن ۾ اي وي ايم ذريعي الي??شن ڪرائي وئي جنهن کان 89 سيڪڙو شهرين تسليم ڪيو. هن چيو ته هتي روايت اها رهي آهي ته ماڻهو هتي پنهنجي ۽ رشتيدارن جي گهرن ۾ پولنگ اسٽيشنون لڳرائيندا هئا، فارم 45 بي سڀني کي ناهي ملندو، اسان چاهيون ٿا ته ايندڙ عام چونڊون صاف شفاف ۽ منصفاڻيون ٿين. ??اب?? اعواڻ چيو ته حڪومت ان لاءِ ت??ار آهي ته اسان قومي اسيمبليءَ ذريعي ٻنهي ايوانن جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي تحريڪ پيش ڪريون. هن چيو ته ڪميٽي ۾ آخري ڀيرو حڪومت اپوزيشن سان چونڊ سڌارن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي. هن چيو ته اسان چونڊ سڌارن لاءِ قانونسازي ڪنداسين، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي ريمارڪس ??اب?? حوالو ڏيندي چيو ته هو هڪ ڪيس ۾ چئي چڪو آهي ته اي وي ايم جو تصور ڪو خلائي تصور ناهي. ??اب?? اعواڻ چيو ته چونڊ عمل ۾ اسان ڌانڌلي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ڀارت جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿي رهي آهي، اسان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجو وعدو پورو ڪنداسين، اڃا تائين ته رڳو اي وي ايم ۽ اي ووٽنگ جي حوالي سان اسان جون تجويزون آيون آهن، اسان اهڙو قانون ٺاهڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪوبه ائين نه چوي ته مان ان قانون کي نٿو مڃان، قوم سان واعدو آهي ته جنهن طرح ملڪ ۾ صنعتي ترقي، ايف بي آر ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سڌارا آندا آهن اهڙيءَ طرح ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڌانڌليءَ کان پاڪ الي??شن جو تصور به آڻينداسين.