اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) جو 25 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي معاملن، دفاع، ناڻي ۽ گهرو معاملن وارن وزيرن، جوائنٽ چيفس آف اس??اف ڪميٽي جي چيئرمين، آرمي، نيوي، ايئرفورس جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ سميت اين سي اي جي سمورن ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اين سي اي پاڪستان جي اس??ريٽجڪ اثاثن جي ??وس سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان گڏوگڏ حفاظتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اين سي اي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي رياست طور تي ائٽمي سلامتي ۽ ائٽمي عدم ڦهلاءُ جي ??دمن کي بهتر بڻائڻ جي عالمي ڪوششن ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندو رهندو. اين سي اي کي خطي ۾ تڪرارن جي ??وجوده صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين سي اي روايتي ۽ اس??ريٽجڪ شعبن ۾ وڏي پئماني تي هٿيارن جي عدم توازن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اين سي اي ان اڳڀرائي کي امن ۽ سلامتي جي ??اءِ نقصانڪار سمجهي ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ داخل ٿيڻ کا??سو??ءِ خطي ۾ اس??ريٽجڪ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ سمورا قدم کڻندو. اين سي اي گهٽ کان گهٽ ڊيٽرنس جي ??اليسي موجب فل اس??يڪٽرم ڊيٽرنس کي برقرار رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ اس??ريٽجڪ صلاحيتن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اين سي اي تربيت جي اعليٰ معيار ۽ اس??ريٽجڪ فورسز جي آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ساراهيو جن جي ??سلسل ڪوششن پاڪستان کي گهربل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻايو آهي.