اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪار?? ملڪيتون (قبضن جو خاتمو) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس جو مقصد سرڪار?? ملڪيتن تي غيرقانوني قبضن جو خاتمو آهي، غيرقانوني قبضا ڇڏرائڻ جي لاءِ مجاز آفيسر وٽ حڪمنامو جاري ڪرڻ جو اختيار هوندو، مقرر وقت ۾ ملڪيت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آفيسر کي ڪارروائي ڪرڻ ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. آرڊيننس موجب مقامي پوليس سرڪار?? ملڪيتون ڇڏرائڻ جي لاءِ انتظاميا کي ضرور?? مدد فراهم ڪ??دي?? قبضن جي خاتمي تي خرچ ٿيندڙ رقم پڻ غيرقانوني قابض کان وصول ڪئي وي??دي?? غيرقانوني قبضو ڪندڙ ماڻهن کي قيد ۽ ڏنڊ کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. آرڊيننس موجب قبضن جي خاتمي لاءِ صدر پاڪستان چيف جسٽس جي مشاورت سان اپيليٽ ٽربيونل جوڙيندو، سرڪار?? ملڪيتن تي قبضن جي خاتمي بابت معاملن جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونل ئي مجاز ادارو هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پبلڪ پ??ائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2021ع پڻ جاري ڪيو. پبلڪ پ??ائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) ايڪٽ 2021ع جي سيڪشن 14 ۾ ترميم ڪئي وئي.