گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ س??احت جا بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن گلگت بلتستان جي ??وري دوران گلگت بلتستان جي وڏي وزير پاران سياحت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي ??اري ۾ ڏنل بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن (ايس سي او) جي ڊائريڪٽر جنرل پاران به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ايس سي او جي ??نتظام هيٺ منصوبن جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ س?? پيڪ خنجراب کان راولپنڊي آپٽڪ فائبر ڪيبل جو پهريون مرحلو، گلگت بلتستان جي 39 جاين تي گهرن تائين آپٽڪ فائبر تار جي پهچ، ايس سي او جي ??هڪار سان قراقرم يونيورسٽي ۾ انڪيوبيشن سينٽر جو قيام، مشهور ڪوه پيما مرحوم علي سد پاره جي ياد ۾ K – 2 بيس ڪيمپ تي جديد ٽرانسيور اسٽيشن جو قيام ۽ گلگت بلتستان جي ڏورانهن علائقن ۾ رابطي لاءِ VSAT حب جو قيام شامل آهن. وزيراعظم آپٽڪ فائبر ڪيبل جي ٻي مرحلي ۽ هنزه ۾ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جو سنگ بنياد به رکيو. وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت گلگت بلتستان ۾ جاري امدادي منصوبن ۽ مستقبل جي لاءِ منصوبابندي تي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت گلگت بلتستان جي 3 ضلعن ۾ احساس نشو نما مرڪز قائم ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان جي ??مورن ضلعن ۾ احساس جي پرائمري تعليمي وظيفن سان گڏوگڏ ثانوي تعليمي وظيفن جو پروگرام به شروع ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم جي ??ماجي ??حفظ ۽ غربت جي ??اتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس جي ??انوي تعليمي ۽ وظيفن جو آغاز هلندڙ سال جولاءِ کان ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ قدم جو آغاز ملڪ جي ??مورن صوبن جي 13 ضلعن ۾ ڪيو پيو وڃي، احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ تحت هر ڪفالت صار?? کي بچت بئنڪ اڪائونٽ فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم ان موقعي تي سڄي گلگت بلتستان ۾ س??احت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي ??اري ۾ بريف ڪيو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته گلگت بلتستان ۾ س??احت جي فروغ جا ڀرپور موقعا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو مقامي معيشت مستحڪم ٿيندي.