اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي منصوبن جي حو??لي سان منظوري جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن جو تح??ظ ضروري آهي، رڪارڊ ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ک?? ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاڪستان بلڊنگ ڪوڊ کي نظر ۾ رکندي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حو??لي سان قومي معيار (نيشنل اسٽينڊرڊ سپيسي فيڪيشنز) جوڙيا ويا آهن. ان معيار تي سمورن صوبن جي مشاورت ۽ رضامندي شامل آهي. اهو مفصل ڪوڊ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حو??لي سان هڪجهڙي معيار ت?? ٻڌل ڪوڊ جوڙڻ تي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻين جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۽ سنڌ صوبي ۾ هائوسنگ منصوبن جي حو??لي سان هيستائين مليل منظورين ۽ ا??راضي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، پنجاب جي چيف سيڪريٽر?? ٻڌايو ته هن وقت تائين 25607 درخواستون مليون آهن، جيڪي 120.84 ملين چورس فوٽ تي تعميرات جي حو??لي سان هيون، انهن درخواستن مان 17572 درخواستون منظور ڪيون ويون آهن، جنهن جي زمين 64.29 ملين چورس فوٽ آهي، منظور ٿيل منصوبن ۾ رهائشي منصوبن جي ايراضي 46.09 ملين چورس فوٽ جڏهن ته ڪمرشل تعميرات جي ايراضي 17.56 ملين چورس فوٽ آهي، باقي ايراضي تي تعميراتي منصوبن جون درخواستون غور هيٺ آهن. سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽر?? ٻڌايو ته سنڌ صوبي ۾ هيستائين پبلڪ سيل جي تقريبن 33 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي.