سوهاوه – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، دنيا جي تاريخ کڻي ڏسو اخلاقي قدرن جي زو?? تي قومن عروج حاصل ڪيو ۽ اخلاقي نظام تباهه ٿيڻ تي اهو معاشرو تباهه ٿي??، القادر يونيور??ٽي نوجوان نسل لاءِ رول ماڊل بڻجن??ي، اسلام جي نالي تي حاصل ڪيل ملڪ ۽ اقبال جي خواب جي حامل قيادت هتان کان نڪرن??ي، اولهه ۾ اسان کان وڌيڪ چڱايون آهن، اتي ادارا مضبوط آهن، انهن جا اخلاق بهتر آهن، اتي سچائي آهي پر خانداني نظام ۽ مذهب کان دوري انهن جي تباهي جا سبب آهن،علم اسان کي انسان جي ڪردارسازي ۽ انسان ۽ جانور ۾ فرق ٻڌائيندو آهي، انهن جي پارليامينٽ ۾ ضمير وڪرو ڪرڻ جو تصور به نه آهي. اهڙو اظهار وزيراعظم عمران خان سيرت النبي ﷺ ۽ صوفي سڳورن جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ٿي??دڙ القادر يونيور??ٽي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم القادر يونيور??ٽي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو ۽ يونيور??ٽي جي قيام ۾ اڳڀرائي جو جائزو به ورتو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين به ساڻس گڏ هو. وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ جي ميمبرن، دانشورن ۽ اسلامي بئنڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم جي اهميت ملڪي ۽ معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي. جهڙي طرح تازي سينيٽ اليڪشن ٿي ان ۾ قوم جي سامهون خريد ۽ وڪرو ٿي?? ۽ مال پڙي لڳي، انصاف جي نظام به ان تي خاموشي اختيار ڪري رکي، ان لاءِ القادر يونيورستٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جئين هڪ اهڙي درسگاهه موجود هجي جيڪو انسان ۽ جانور ۾ فرق ٻڌائي، انسان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات پيدا ڪيو ۽ فرشتن کي حڪم ڪيو ته ان جي سامهون سجده ڪري. هن چيو ته مولانا رومي چيو هو ته جڏهن الله انسان کي پک ڏنا آهن ته پوءِ ڇو ماڪوڙين وانگر هلن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، جانور ۽ انسان جي وچ ۾ سڃاڻپ صرف علم جي ڪري هوندي آهي، اسان جو دين انساني زندگي ۾ تبديلي کڻي اچي ٿو. هن مصر ۾ هڪ اسڪالر جو حوالو ڏيندي چيو ته هو يورپ جي دوري کان مصر واپس آيو ته ان چيو ته يورپ ۾ اسلام ته نظر آيو پر ڪو مسلمان نظر نه آيو جڏهن ان جي مقابلي ۾ مصر ۾ مسلمان ته ڪيترائي نظر اچن ٿا پر اسلام نظر نٿو اچي. وزيراعظم چيو ته القادر يونيور??ٽي جو مقصد دين کي اسان جي زندگين سان برابري پيدا ڪرڻ آهي، القادر يونيور??ٽي کي مصر جي الازهر يونيور??ٽي وانگر اعليٰ ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا، نوجوان نسل لاءِ القادر يونيور??ٽي رول ماڊل بڻجندي.