اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ساموندي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته نئين شپنگ پاليسي سيڙپڪارن ??ي لاءِ بهترين آهي جنهن ۾ سڀني ??ي لاءِ آساني هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڪيو. ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي هن چيو ته مون کي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿي رهي آهي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار هوندو آهي. ميري ٽائيم شعبي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت آهي. ماڻهن کي ??ليو اڪانومي ۽ ان بابت سمجهڻ وڏو چئلينج آهي. علي زيدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته دبئي، ملائيشيا سميت سڄي دنيا ۾ جزيرا ترقي ??ي لاءِ استعمال ٿين ٿا. گوادر ٽرانسشپمينٽ ??ي لاءِ آئيڊيل تصور ڪيو وڃي ٿو منسٽري آف ميري ٽائيم ۽ ڪامرس جي وچ ۾ ڪجهه معاملا هلي رهيا آهن جلد ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويندو. نئين شپنگ پاليسي انويسٽرز ??ي لاءِ بهترين آهي اسان شپنگ پاليسي ۾ ترميمون اهڙي طرح ڪيون آهن جو سڀني کي ??ساني ٿئي. شپنگ پاليسي ??ي لاءِ اسان پنهنجو پرپوزل موڪلي ڇ??يو آهي جلد ئي ان تي ??ا سٺي خبر ملندي.