??سل??م آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ور??نا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ور??نا وائرس سبب 59 فوتگيون ٿيون جنهن مان 42 وين??يل??ٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. ني??نل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ??ور??نا جي هڪ هزار 37 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 59 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 55 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وين??يل??ٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 30 سيڪڙو، پشاور 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ ??سل??م آباد ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ??ور??نا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 24 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 32 هزار 149 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 136، پنجاب ۾ 11 هزار 809، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 859، ??سل??م آباد ۾ 4 هزار 283، بلوچستان ۾ 546، گلگت ب??تستان ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 185 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 11 هزار 502 ٿي چڪو آهي. گگت ب??تستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وين??يل??ٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وين??يل??ٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 265 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 31 هزار 983 آهي.