اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته پاڪستان پنهنجي م??يشت مستحڪم ڪرڻ تي ڌيان ??نو، اسان اقتصادي طور تي هر صحيح رخ ۾ گامزن هئاسين پر ٻين ملڪن وانگر اسان جو ملڪ ڪوويڊ – 19 کان متاثر ٿيو، ڪورونا سان معيشت متاثر ٿي ۽ اها غيرمتوقع صورتحال هئي، لاڪ ڊائونز جي صورتحال جو ان ??ان اڳ ??نهن کي به تجربو نه هو. عالمي اقتصادي فورم جي انتظام هيٺ ڪ??ويڊ – 19 کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بحالي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن جي حوالي سان ”پاڪستان اسٽريٽجي ڊائيلاگ“ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ??يو ته اسان ??ورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ، عوام کي بيماري کان تحفظ ۽ ماڻهن کي بک سان مرڻ کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا.