اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوج حڪومتي پاليسين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ماضي جي حڪومتن جي مقابلي ۾ فوج سان موجوده حڪومت جا شاندار لاڳاپا آهن، ڪنهن هڪ ملڪ طرفان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان فلسطين جو مسئلو ختم نه ٿيندو، ان مسئلي جو حل پاڻ اسرائيل جي مفاد ۾ آهي، پاڪس??ان ۾ ميڊيا مڪمل آزاد آهي ۽ ايستائين جو حڪومت ۽ وزيرن کي به ان کان تحفظ حاصل نه آهي، جيتري اسان جي حڪومت جي خلاف ميڊيا ۾ تنقيد ٿي ماضي ۾ ائين ناهي ٿيو، ڪجهه موقعن تي اسان جي خلاف ميڊيا جي ذريعي پروپيگنڊا ڪيو ويو، اسان جي ٻن سالن جي حڪومتي دور ۾ سڀ کان وڏي تبديلي اها آئي آهي ته پاڪس??ان ۾ ايليٽ ڪلاس کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، اسان جي حڪومتي دور ۾ ڪرپشن جو ڪو به ميگا ڪيس سامهون ناهي آيو، هيٺين سطح تي ڪرپشن جو اعتراف آهي تنهن هوندي به ان جي خاتمي جي ل??ءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. ??ير ملڪي ٽيلي ويزن چئنل الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪس??ان جا چين ۽ آمريڪا سان بهترين لاڳاپا آهن، پاڪس??ان کي ڪنهن ڪيمپ جو حصو هجڻ جي ضرورت نه آهي، اسان هر ملڪ سان بهترين لاڳاپا ڇو نٿا رکي سگهون، وزيراعظم چيو ته اسان جو مستقبل چين سان جڙيل آهي جيڪو دنيا ۾ ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، هن 62 ارب ڊالر جي ل??ڳت جي اقتصادي لنگهه منصوبي جي شرطن ۾ ترميم لاءِ چين سان ڳالهين جي ترديد ڪندي چيو ته چين سان اسان جا لاڳاپا هن وقت پهرين کان بهتر آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪس??ان چين جي ترقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ جي تجربن مان فائدو کڻدو، آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه سال اڳ جي ڀيٽ هن وقت آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهترين آهن، افغانس??ان ۾ اسان امن جا سهولتڪار آهيون، حڪومت افغانس??ان ۽ طالبان جي وچ ۾ مستقبل ۾ اقتدار ۾ حصيداري جي معاهدي جي حمايت جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته افغان جيڪو پنهنجي ل??ءِ بهترين سمجهن ٿا اهو اسان جي ل??ءِ به سٺو هوندو، افغان امن ۾ افغانس??ان کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪس??ان جو آهي، هن چيو ته افغانس??ان ۾ 19 سالا جنگ ۽ قتل ۽ غارت کانپوءِ جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته اهو سڀ اچانڪ گڏجي رهڻ شروع ڪري ڇڏين ته منهنجي خيال ۾ اها صورتحال انتهائي ڏکي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪس??ان طالبان ۽ افغان حڪومت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، دراصل هڪ معجزو آهي، عمران خان چيو ته پاڪس??ان افغانس??ان ۾ امن جي بحالي ل??ءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو.