اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، حڪومت ان فيصلي مان مطئمن آهي. اهو بهتر فيصلو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ حڪوم??ي موقف بابت آگاهه ڪري رهيا آهيون، احتساب واري خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته سپريم ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، آرٽيڪل 9 تحت ٽن طريقن سان ڪنهن جج بابت سوال اٿاري سگهجي ٿو، پهريون طريقو ڪو به شخص سپريم جڊيشل ڪا??ونسل کي معلومات ڏئي سگهي ٿو. ٻيو طريقو حڪومت پاران صدر ريفرنس مو??لي سگهي ٿو. ٽيون طريقو سپريم جڊيشل ڪا??ونسل پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي.