اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي تعلي??ي نظام ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هڪجهڙو تعلي??ي نصاب جوڙڻ ۽ سڄي ملڪ ?? ان کي لاڳو ڪ??ڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، مدرسن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خاص طور تي مدرسن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن کي جديد علم جي تعليم سان آراسته ڪرڻ ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مدرسن سان طئي ٿيل لائحه عمل تي عملدرآمد جي حوالي سان به ڪوششون تيز ڪيون وڃن، ڪورونا جي صورتحا?? جي پيش نظر سمورن تعليم جي صوبائي وزيرن جي مشاورت سان تعليمي ۽ تدريسي عم?? جي ڏس ۾ مستقب?? جي لائحه عم?? جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي، ان سان گڏوگڏ موجوده حالتن ۾ تعليمي ادارن جي مالي مشڪلاتن ۽ والدين جي فيسن جي حوالي سان خدشن کي ختم ڪ??ڻ جي حوالي سان به حڪمت عملي جوڙي وڃي، وزيراعظم عمران خان اهي هدايتون تعلي??ي نظام ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ ڪورونا صورتحا?? جي ڏس ۾ تعليم جي حوالي سان حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان منعقد جائزي اجلاس جي دوران ڏنيون.