لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان هدايت ڪئي آهي ته سالياني ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ عملي قدمن تي ڌيان ڏنو وڃي، کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي گهٽ کان گهٽ رکڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، سيڙپڪاري جا موقعا وڌايا وڃن، عوام کي موجوده ح??وم?? جي فلاحي ڪم?? بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ پنجاب جي مالياتي ۽ مع??شي پاليسي بابت اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي.