اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته اسان کي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪرڻو آهي ۽ عظيم قوم بڻجڻو آهي جنهن ل??ءِ اسان کي مديني جي رياست جي اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو، نبي اڪرم صه جي حيات مبارڪ جو هر رخ تاريخ ۾ محفوظ آهي جنهن جي پيروي ڪري اسان ??نهنجي زندگين کي سنواري سگهون ٿا، جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اسان کي پنهنجي نوجوان ??سل کي پرڏيهي ثقافتي يلغار کان ??حفوظ رکڻ، اسلام جي تشخص ۽ پنهنجي روايتن ۽ تهذيب ۽ تمدن کان روشناس ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ته قومي تشخص ۽ صوفين جي تعليم کي اجاگر ڪيو وڃي. ناليوارن عالمن جي وفد وزيراعظم عمران خ??ن سان ??لاقات ڪئي.