اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان صو??اليه سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان صو??اليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي صو??اليه جي پنهنجي هم منصب عبدالسعيد موسي علي سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. پ??ڏيهي وزير چيو ته پاڪستان صو??اليه سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته عوامي سطح تي ٺوس ??اب??ا ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ لازمي آهن، هن وقت 2000 جي لڳ ڀڳ صو??الي شاگرد پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته جلد ئي ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت کي حتمي شڪل ڏني ويندي، اسان صو??اليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. پاڪستان نادرا جي ذريعي صو??اليه جي قومي ڊيٽا بيس جي قيام سان گڏوگڏ فوجي تربيتي ڪورسز ۾ پڻ معاونت جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان صو??اليه سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. صو??اليه جي پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي اعليٰ انتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.