اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ سڌارا بل تي صحيح ڪري ڇڏي. ان س??سلي ۾ صحيحن واري تقريب ايوان صدر ۾ منعق?? ٿي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد ع??ر، وزيراعظم ??ي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ ۽ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان شرڪت ڪئي. صدر جي پاران صحيح کانپوءِ چونڊ سڌارن جو بل قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. ان س??سلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پهرين ئي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪئي آهي.