اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مٽاسٽا جي ناڻي جي وڌندڙ انگ اکر سندن حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترجيحاتي شعبن تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ ۾ آساني ۽ وڌيڪ سهولت ڏيڻ بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري ??هيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ گڏجي مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ هڪ جامع پيڪي?? تيار ڪري ??هيا آهن جنهن ۾ نه رڳو موڪليل رقم جي حساب سان مالي مراعتون ۽ انعام شامل آهن پر بينيفشري ??ڪائونٽ کولڻ ۽ رقم جي فوري منتقلي به يقيني بڻائي پئي وڃي، ڄاڻايل نظام لاءِ هڪ ڊجيٽل ايپليڪيشن به تياري ??ي مرحلي ۾ آهي، مراعتن جي فراهمي لاءِ 9 وڏن قومي ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو سفري ??هولتن لاءِ شناختي دستاويزن جي تياري، ضروري ??ين جي خريداري، ٽيڪس جي ادائيگي، انشورنس ۽ ٻارن جي تعليمي خرچن ۾ رعايتون ۽ مراعتون فراهم ڪندو، ايندڙ مهيني جي شروع تائين ڪم مڪ??ل ڪري پروگرام باقاعده جاري ڪيو ويندو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جا وڌندڙ انگ اکر حڪومت جي پاليسين تي اعتماد کي ظاهر ڪن ٿا. وزيراعظم انهن قدمن بابت مقرر ڪيل عرصي ۾ ڪم جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته منصوبي ج?? ڪڙي نگراني لاءِ لائحه عمل جوڙي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل به منصوبي جو حصو بڻايو وڃي.