اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ولڪن بوزڪر ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ گڏ??ل قومن جي ايجنڊا تي موجود فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جهڙن اهم تڪرارن، افعان ??من عمل، ڏوهن، بدعنواني ۽ رشوت جي آمدني جي غير قانوني منتقلي، پائيدار ترقي ۽ ڪووڊ – 19 وبا جي ڏس ۾ اقتصادي بحالي جي ڪوششن بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان فلسطين مسئلي تي گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس گهرائڻ جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته جنگ بندي جي اعلان کانپوءِ ??من عمل جي بحالي ۽ گڏ??ل قومن جي لاڳاپ??ل قراردادن ۽ رياستي ويزن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ ??دم کڻڻ گهرجن، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ گڏ??ل قومن تحت عالمي تعاون وڌائڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ ??رض ۾ رليف، اقتصادي بحالي جي ڪوششن ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ولڪن بوز وزيراعظم کي اهم عالمي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ جنرل اسيمبلي جي پنهنجي صدارت جي مدي دوران ڪيل مختلف قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.