اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گلگت ??لت??تان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلا?? جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت ??لت??تان معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور ڪئي. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت ??لت??تان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معاملن واري وفاقي سيڪريٽري کانسواءِ پرڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري صوبي جي قيام جي حوالي سان گلگت ??لت??تان اسيمبلي جي متفقه قرارداد گلگت ??لت??تان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ان واعدي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آ??ي. اجلاس ۾ گلگت ??لت??تان کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏيڻ جي حوالي سان مختلف ماڊلز تي به تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گلگت ??لت??تان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو ويندو.