اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 74 فوتگيون ٿيون جنهن مان 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄ?? ملڪ ۾ 1 هزار 563 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 74 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 63 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 11 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 36 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 29 سيڪڙو مريض آ??ن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 44 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آ??ن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 285 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 83، پنجاب ۾ 16 هزار 704، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 537، اسلام آباد ۾ 5 هزار 994، بلوچستان ۾ 373، ??لگ?? بلتستان ۾ 323، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 92 هزار 207 ٿي چڪو آهي.??لگ?? بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 299 مريض آ??ن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 820 آهي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 37 هزار 477 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 877، بلوچستان ۾ 18 هزار 765، ??لگ?? بلتستان ۾ 4 هزار 903، اسلام آباد ۾ 40 هزار 972، خيبرپختونخواهه ۾ 65 هزار 953، پنجاب ۾ 1 لک 55 هزار 214 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 42 هزار 793 مريض آ??ن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 11 هزار 450 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 925 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 مري?? اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 646 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 33 مري?? اسپتالن ۾ جڏهن ته 5 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 857 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مري?? اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 469 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مري?? اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو، بلوچستان ۾ 193 فوتگيون، ??لگ?? بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 258 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مري?? اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 77 لک 64 هزار 114 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 644 مريض علاج هيٺ آهن.