اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هو پاڪستان بحريه جي بهترين تربيت، فرض سان لڳاءُ ۽ قرباني جي جذبي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ٽوئيٽر ب??ان ۾ صدر چيو ته ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق ام?? 2021ع بحر هند ۾ ام?? قائم ڪرڻ جي حوالي س??ن پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته ام?? 2021ع مشقون سامونڊي واپار ۽ سمنڊ ۾ معدني وسيلن جي ڳولا بابت ڪوششن جون به عڪاس آهن. ستين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق ام?? ڇهن ڏينهن تائين جاري رهڻ کانپوءِ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ صدر خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئ??. مشقن ۾ اٽڪل 45 ملڪن حصو ورتو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب بحيره عرب ۾ موجود پاڪ بحريه جي جهاز جي اچڻ تي ام??رالبحر صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي صدر کي ام?? مشقن جي حوالي س??ن بريفنگ ڏني وئي. مشقن ۾ شريڪ ملڪن جي س??مونڊي ۽ هوائي جهازن صدر کي سلامي پڻ پيش ڪئ??.