اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏيندي فوري ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي ۽ ا??و منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم اها منظوري ناله لئي منصوبي جي حو??لي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجل??س ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب وڊيو لنڪ ذريعي اجل??س ۾ شرڪت ڪئي. اجل??س ۾ وزيراعظم ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي ا??و منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي. سرڪاري زمين تي ٻه مال به ٺاهيا ويندا، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو، وزيراعظم منصوبي تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.