اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته زمين تي سڀ کان بهترين صدقه جاريه وڻ لڳائڻ آ??ي، اها اس??ن سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته اس??ن وڻڪاري ذريعي ملڪ کي سرسبز ۽ صاف بڻايون، ڪورونا وائرس جي وبا اڃا ختم ناهي ٿي، ان لاءِ عوام ايس او پيز تي عمل ڪري. ڪورنگ پارڪ ۾ ٽائيگر فورس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ رضاڪارن جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ملڪ امين اسلم پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته اس??ن پنهنجا ٻيلا ڪاٽي ملڪ جو نقصان ??يو آ??ي، جيڪڏهن گرمي وڌندي ر??ي، گليشيئر پگهرندا رهيا ته دريائن ۾ پاڻي گهٽ ايندو ان سان اس??ن جون زمينون ريگستان بڻجي وينديون، ان سان بک ۽ بدحالي پکڙجندي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ايندڙ نسلن، پنهنجي ٻارن جي لاءِ اس??ن سڀني جي ذميواري آهي ته پنهنجي ملڪ کي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪريون. هن چيو ته هي اس??ن جيڪي اڄ 35 لک وڻ لڳايا آهن اها هڪ شروعات آ??ي، هي مسلسل جدوجهد ۽ جهاد آ??ي، اسان اهو پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جڏهن ??ومون منظم ٿي فيصلا ڪن ٿيون ته الله جي زمين تي نقصان بدران بهتري اچي ٿي. هن چيو ته سڀ کان بهترين صدقه جاريه زمين تي وڻ لڳائڻ آهي. هن چيو ته اڄ سڄي ٽائيگر فورس، نوجوان ۽ انتظاميا جيڪي هتي شريڪ ٿيا انهن جا ملڪ پاران ٿورا مڃان ٿو، اسان ??ي ملڪ کي سرسبز ڪرڻو آهي ان ۾ وڻ لڳائڻا آهن. وزيراعظم چيو ته قوم جي اتفاق راءِ سان فيصلن جا سدائين مثبت نتيجا نڪتا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ ملڪ جي ڪاميابي ان جو مثال آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي به ملڪ کي متاثر ڪري رهي آ??ي، ان جي وڏي نشاني هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 15 لک ٽن گهٽتائي آ??ي، ڇو ته برساتن ڪڻڪ جي فصل کي بري طرح متاثر ڪيو.