اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي ??دب??رن تي سختي سان عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ايس او پيز تي عملدرآمد سان وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروع ۾ و??ا جو دٻ??ءُ بلند ترين سطح تي هوندو، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهر مان ماسڪ پائي نڪرو، بي احتياطي بزرگن ۽ ٻين ماڻهن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وبا بابت ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون دوران ملڪ ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو مشڪل وقت مان گذري رهيو آه??. هن چيو ته لاڪ ڊائون جو مطلب ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي آه??، لاڪ ڊائون سان ڪورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان وبا سان هڪ لک ماڻهو مارجي ويا آه?? جڏهن ته انهن لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان نتيجي تي پهتا آه?? ته لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آه??. هن چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد سان ئي وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ماسڪ پائڻ سان وائرس جي ڦهلاءُ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.