اسلام آبا?? – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿي??. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس سبب پيدا ٿي??دڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪورون?? وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي پاليسي تي عملدرآمد جاري رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙن ڪاروباري شعبن جي منفي لسٽ جاري ڪئي ويندي جيڪي ڪورون?? وائرس جي وڌيڪ ڦهلاءُ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ بند رهندا جڏهن ته ڪاروباري ۽ واپاري سرگرمين جي هڪ اهڙي فهرست جنهن تي وفاقي حڪومت ۽ صوبن جو اتفاق راءِ ٿي??دو، اها صنعتي شعبي کي جاري ڪئي ويندي جنهن تحت انهن کي پنهنجون سرگرميون ٻيهر جاري رکڻ جي اجازت هوندي. زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪورون?? وائرس جي ڦهلاءُ ج?? حوالي سان غيريقيني جي ڪري قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اسان کي ڪورون?? وائرس سان گڏ رهڻو پوندو جڏهن ته وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو ويندو.