اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن پاڪست??ن پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪست??ن پوسٽ ملازمن جي پينشن جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪست??ن پوسٽ جي بجيٽ خرچن جو اٽڪ?? 34 ??يڪڙو حصو پينشن تي ٻڌل آهي جنه?? ۾ ??رتيبوار اضافو ٿي رهيو ??هي?? وزيراعظم جي هدايت تي ملائيشيا جي پينشن ماڊل کي نظر ۾ رکندي پاڪست??ن پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ??هي?? پاڪست??ن پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جو مقصد حڪومت تي پوندڙ پينشن جي بار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ملازمن جي پينشن جي معاملن جو بهتر انتظام يقيني بڻائڻ آهي.