اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وچ اوڀر جي پنهنجي دوري جي ٻئي م??حلي ۾ سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض پهچي ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ رياض پهچڻ تي س??ودي پرڏيهي وزارت جي ڊپٽي منسٽر آف پروٽوڪول اعظ?? القين، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير راجا علي اعجاز ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي سينيئر عملدارن پرڏيهي وزير جو شاندار استقبال ڪيو.