اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت ۾ بين الوزارتي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشري??ت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، قو??ي سلامتي ڊويزن ۽ اسٽريٽجڪ پاليسي پلاننگ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جو اداره جاتي سڌارن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.