اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪندي سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي متاثرين جي مدد لاءِ بلوچستان حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ موجوده صورتحال جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي. وزيراعظم سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي رليف فراهمي ۾ بلوچستان جي حڪومت کي سموري ممڪن مدد جي فراهمي جي ه??اي?? ڪئي، وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي امداد جي فراهمي جي به ه??اي?? ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ان مشڪل گهڙي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.