لاهور – 25 آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ ۽ پنجاب جي آءِ ??ي انعام غني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار به موجود هو. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال کانسواءِ قبضا مافيا خلاف ڪار??وا??ي، مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ ??نتظاميا جي قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. سڄي صوبي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اهڙن واقعن کي روڪڻ ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ فوري ۽ سخت قدمن جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته جوابدارن جي خلاف فوري ڪار??وا??ي ڪري سخت کان سخت سزا يقيني بڻائي وڃي. وزيرعظم عمران خان شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.