اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 1.2 ارب رپين جي جعلي ??نوائس اسڪينڊل ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر جي 1.2 ارب رپين جي 42 درخواستن کي اڪلائي ڇڏيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي سوموٽو ڪيسز ۾ فيصلي ??ي خلاف صدر کي اپيل ڪئي هئي. اسڪينڊل ۾ ايف بي آر عملد??رن ڪوڙن دعويد??رن کي جزوي يا مڪمل طور تي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا هئا ۽ ايف بي آر جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽيليجنس ان جعلسازي جو پڙدو فاش ڪيو هو. واضح رهي ته فيلڊ فارميشن کي ريڊ الرٽ جاري ڪرڻ جي باوجود ملوث عملد??رن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي. وفاقي ٽيڪس محتسب واقعي تي سوموٽو نوٽيس وٺندي ذميو??رن جو تعين ڪرڻ ۽ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي. ايف بي آر صدر جي حڪمن ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب جي سفارشن تي 130 جعلي ??يفنڊ ڪيسز کي اڪلائڻ جي لاءِ 6 انڪوائري ڪميٽيون جوڙيون. انڪوائري ڪميٽين کي ذميو??رن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ چارج شيٽ جو مسودو 30 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻو هو. صدر ايف بي آر جون اپيلون رد ڪندي ماهوار عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوابد??رن کي شنوائي جو حق ڏ??ڻ ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.