اسلام آباد – پهرين ??گسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملي جي مذمت ڪندي چ??و آهي ته سنڌ حڪومت مسلسل حليم عادل شيخ کي نشانو بڻائي رهي آهي، پيپلزپارٽي ان کان ڊنل آهي ته هو سدائين ??نهن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪندو رهندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ پوليس ۽ انتظاميا کي گهرجي ته اهي فوري طور تي ان معاملي جو نوٽيس وٺن، ذميوارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ذميوارن کي ڍر ڏيڻ جو مطلب ??اضح آهي ته اهي توهان جا تربيت يا??ته ماڻهو آهن.