اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان امن جي بحالي، تڪرارن کان بچاءَ ۽ پائيدار ترقي وارا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻ قومي سه??ار لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل جي امن فنڊ جي لاءِ اعليٰ سطحي ريپلينشمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري ج??رل جي امن قائم ڪرڻ جي فنڊ ۾ 25 هزار ڊالر عطئي جو اعلان ڪن??ي چيو ته اهو عزم گڏيل قومن جي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ وارين ڪوششن لاءِ اس??ن جي سياسي، افرادي ۽ مالي مدد جاري رکڻ واري ارادي کي ??اه?? ڪري ٿو. هن چيو ته گهڻي ڀاڱي اُسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان ڪورونا وائرس وبا سبب سخت متاثر ٿيو آهي جنهن سبب اس??ن جو عوامي صحت وارو نظام دٻاءُ جو شڪار ٿيو، اس??ن جي معيشت متاثر ٿي ۽ مالي صلاحيتن ۾ گهٽتائي ٿي.