اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد اطلاعا?? واري وزير کي فلمي صنعت کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي آگاهه ڪن??ي چيو ته فلمسازي کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ حڪومت جو تعاون گهربل آهي. اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان ??حريڪ انصاف جي حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته ٻين ادارن وانگر ان ??عبي کي به نئين دور جي گهرجن کان هم آهنگ هجڻ گهرجي، جيڪي ادارا پاڻ کي جديد گهرجن کان هم آهنگ نه ٿا ڪن اهي اهميت وڃائي ويهن ٿا، حڪومت فلمي صنعت جي فروغ لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.