اسلام آباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??خد??م شاه محمود قريشي چيو آهي ته بين الافغ??ن مذاڪرات منعقد ڪرڻ افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ سڄي دنيا پاڪستان جي موقف تسليم ڪري رهي آهي، افغان امن عمل کي منتقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن دوحه ۾ بين الافغ??ن مذاڪرات جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ قطر جي پرڏيهي وزير جي خاص دعوت تي ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان طر??ان افغانستان لاءِ خاص نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق دوحه اجلاس ۾ شريڪ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو موقف هميشه اهو ئي رهيو آهي ته افغ??ن مسئلي جو حل طاقت ذريعي ممڪن ناهي. سٺي ڳالهه اها آهي ته اڄ سڄي دنيا پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪري رهي آهي.