ڪوئيٽا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ بلوچستان صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي ن??صانن، بحالي جي قدمن، صوبي ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال ۽ ازالي جي حوالي سان قدمن ۽ بلوچستان ۾ جاري ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان قدمن جو جائزي اجلاس جمعي ڏينهن هتي منعقد ٿيو، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابن??ي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، صوبائي وزير، اين ڊي ايم اين اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، بلوچستان جو چيف س??ڪريٽري ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب بلوچستان جي چيف س??ڪريٽري صوبي جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن جي صورتحال، جاني ۽ مالي ن??صانن، انفراسٽرڪچر جي بحالي، عوام جي طبي سهولتن، راشن جي فراهمي ۽ رليف سرگرمين جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني.