اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران مخ??لف موبائيل ڪمپنين پاران وڌيڪ اس??يڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اس??يڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي ب??يادن تي مڪمل ڪيو وڃي، موبائيل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي ب??تري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي وڌيڪ بهتري جي حوالي سان اس??يڪٽرم نيلامي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، پي ٽي اي جي چيئرمين، فريڪوينسي ايلوڪيشن بورڊ جي چيئرمين شڊرڪت ڪئي. وزيراعظم کي مخ??لف موبائل ڪمپنين پاران نيٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته موبائل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي ب??تري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي سروسز جي ب??تري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم مخ??لف ڪمپنين پاران وڌيڪ اس??يڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته اس??يڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي ب??يادن تي مڪمل ڪيو وڃي.