اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) نيش??ل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (ا??ن سي او سي) ڪوورنا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، هڪ لک 29 هزار 830 ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي. ا??ن سي او سي موجب ??ذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 هزار 527 ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3191 وڌيڪ مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا جڏهن ته 91 ڪورونا متاثرين فوت ٿي ويا. هيستائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 لک 28 هزار 474 تصديق ڪيسز سامهون آيا آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1288، بلوچستان جا 10 هزار 766، گلگت بلتستان جا 1545، اسلام آباد جا 13 هزار 409، خيبرپختونخواهه جا 27 هزار 843، پنجاب جا 81 هزار 317 ?? سنڌ جا 92 هزار 306 مريض شامل آهن. هيستائين مجموعي طور تي 4 هزار 712 ف??تگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين 13 لک 98 هزار 152 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. 729 اسپتالن ۾ 5130 مريض علاج هيٺ آهن.