اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) حڪومت ??نڊ بحران بابت انڪوائ??ي ڪميشن جي رپورٽ جا??ي ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب رپين جا ريفنڊ ورتا، ڪميشن ??نڊ بحران جو ذميوار ريگيوليٽر کي قرار ڏنو آهي، ريگيوليٽر جي غفلت جي ڪري ??نڊ بحران پيدا ٿيو ۽ قيمت وڌي، وفاقي ڪابينا ريڪو??ي ڪري پئسا عوام کي واپس ڪرڻ ۽ نظام ??ي فعال ۽ ادارن کي متحرڪ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، شهباز شريف فيملي جي شگر ملز ۾ ڊبل رپورٽنگ جا ثبوت مليا آهن، سنڌ حڪومت اومني گروپ کي سبسڊي ڏئي فائدو پهچايو، جي ڊي ڊبليو گروپ غيرقانوني طور تي ڪرشنگ ۾ اضافو ڪيو ۽ ڊبل بلنگ ۽ اوور انوائسنگ ۾ ملوث ڏٺي وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي احتساب وا??ي خاص معاون شهزاد اڪبر اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏنو جنهن مان 10 ارب رپيا ريفنڊ ورتا ويا، اهڙي طرح گذريل 5 سالن ۾ ڪل ٽيڪس 10 ارب رپيا ڏنو ويو، افغانستان کي برآمد ڪئي ويندڙ ??نڊ جي ادائيگي ٽي ٽي ذر??عي ڪئي وئي، روانگي واپار جي مد ۾ 58 سيڪڙو ??نڊ افغانستان کي ڏني وڃي ٿي، ??نڊ جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ڪري 5.2 ارب رپيا منافعو ڪمايو وڃي ٿو.