اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماڻهو گهرن ۾ نماز ادا ڪن ۽ ڪوويڊ – 19 بابت احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي يا عالمن سان معاهدي تحت هدايتن تي عمل نٿو ٿئي ته نماز ۽ ترا??يح جي باري ۾ فيصلي تي حڪومت نظرثاني ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صدر چيو ته عالم سڳورن سان معاه??ي جي پهرين 17 نڪتا نماز ۽ ترا??يح جي دوران حفاظتي قدمن کي اجاگر ڪن ٿا، انهن احتياطي تدبيرن تي پوري دن??ا ۾ اتفاق راءِ آهي، هن چيو ته انهن احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد امام مسجد، مسجد ڪميٽين، ضلعي انتظ??مي?? ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي.