ڊيووس – 23 جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ تباهي هوندي، جنگُون مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌيڪ مسئلا پيدا ڪنديون آهن، ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي سي اي?? بي سي جي هيڊلي گيمبل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ جنگ ٿي ته اها تباهي آڻيندڙ هوندي، يقين ڪريو ته ايران جو تڪرار اف??انستان جي مقابلي ۾ انتهائي مشڪل هوندو، وزيراعظم آمريڪا جي طرفان ڳالهين لاءِ آمادگي کي ذميداراڻو قرار ڏيندي چيو ته 19 سال گذرڻ جي باوجود اف??انستان جو تڪرار حل نه ٿي س??هيو ۽ ڌريون ڳالهين جاري رکڻ ۽ فائربندي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، هن چيو ته اف??انستان ۾ به ماڻهو مري رهيا آهن، هڪ کرب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن ته ڇا آمريڪا وڌيڪ ڪنهن ٽڪر جي سٽ سهي س??هي ٿو.