اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ ۽ صوبي ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وفاقي حڪومت بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي جي ڏس ۾ صوبائي حڪومت جي هر ممڪن طريقي سان مدد ??اء?? پرعزم آهي. هن اها ڳالهه پارلياماني پار??ي بلوچستان جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن خاص معاون سردار يار محمد رند جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.