ڪوئيٽا – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ??ه بلوچستان جي عوام حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي پرڏيهي ??ازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي?? وزيراعظم عمران خان جو صاف موقف آهي ??ه پاڪستان خطي ۾ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو، پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفاد کي ٻين جي مفاد لاءِ هرگز قربان نه ڪنداسين?? وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلوچستان سان ماضي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪري هر مرحلي تي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت پوري قوت سان پنهنجي اتحادي پارٽين ۽ بلوچستان ??ي وڏي وزير ڄام ڪمال سان گڏ بيٺل آهي، اها ڳالهه هن ڪوئيٽا پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي.