اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي م??ڪ کي پراجيڪٽ عم??ان کان پاڪ ڪرڻ آهي، م??ڪ کي سڀ کان وڏي فارن ايجنٽ، فتني ۽ مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياريو، سدائين ملڪ ۽ معيشت کي مشڪلاتن مان ڪڍيو آهي، عم??ان پراجيڪٽ م??ڪ کي معاشي ڏيوالپڻي طرف ڌڪيو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي، معاشي تباهي ۽ سياسي عدم استحڪام عم??ان پراجيڪٽ جي ڪري آهي. عم??ان خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2018ع ۾ م??ڪ کي تاريخي معاشي استحڪام ۽ عوام ??ي سستي ماني، کنڊ، اٽو، بجلي، گئس، پيٽرول، نوجوانن کي روزگار، م??ڪ کي ترقي، سي پيڪ، 14 هزار ميگاواٽ بجلي ۽ دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان ڏئي وئي هئي. مسلم ليگ (ن) م??ڪ کي تاريخي 6.2 سيڪڙو تي رکي ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪري ڏئي وئي هئي. هن چيو ته 4 سالن ۾ عم??ان پراجيڪٽ ملڪ جو معاشي ڏيوالپڻو ڪيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، م??ڪ کي دهشتگردي ڏني، ترقي روڪي ڇڏي. وفاقي وزير چيو ته عم??ان پراجيڪٽ 4 سالا عوام ??ي غربت، مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسڻ، اٽو، کنڊ، داليون ۽ تيل مهانگو ڪيو، اڄ ملڪ ۾ ماني مهانگي آهي ته عم??ان پراجيڪٽ جي ڪري اڄ سخت شرطن وارو آءِ ايم ايف جو پروگرام عم??ان پراجيڪٽ جو عوام ??ي ڏنل تحفو آهي، 4 سال عم??ان فارن فنڊيڊ پ??اجيڪٽ ملڪ جي پرڏيهي لاڳاپن کي تباهه ڪري عالمي سطح تي اڪيلو ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگي بجلي ۽ گئس عم??ان پراجيڪٽ جي ڪري آهي، 4 سال تباهي مچائي مهانگائي جو طوفان آڻي اڄ اليڪشن اليڪشن جي رٽ لڳائي ويو هوندو. عم??ان خان 2018ع ۾ ملڪ تي مڙهڻ واري اليڪشن جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، اليڪشن وڙهي نه ٿو سگهي.